ٻاريءَ جھل راند

ٻاريءَ جھل راند

ٻاريءَ جھل راند

ٻاريءَ جھل راند/ونجهوٽي: ديسي راندين ۾ هيءَ راند بلڪل عام آهي ۽ سنڌ ۾ هر هنڌ کيڏي ويندي آهي. ٻارين کي ”دريون“ به چئبو آهي، ان ڪري هن راند کي ”درين جي راند“ به ڪوٺبو آهي. هيءَ راند ڪنهن سڌي ميدان تي ڪرڻ ۾ ايندي آهي ۽ ٻن پارٽين جي وچ ۾ کيڏي ويندي آهي. هموار ٿيل زمين تي پير سان ليڪا ڪڍي ان کي چن يا پاڻيءَ سان چٽا ڪري ٻاريون ٺاهيون وينديون آهن. ڪن حالتن ۾ ڪوڏر يا ٻئي ڪنهن تکي اوزار سان ليڪا ڪڍبا آهن. ٻاريون ايتريون ٺاهيون وينديون آهن: جيترا ٻار هوندا آهن. پر اٺن کان وڌيڪ ٻاريون نه ٺاهيون وينديون آهن، ڇو ته پوءِ راند ۾ سوڙهه ٿي پوندي آهي. جيتريون ٻاريون ٺاهيون وينديون، اوترائي رانديگر هر هڪ ٽوليءَ ۾ هوندا آهن ۽ اهي ٻاريون آمهون سامهون اڀين ۽ پاسيرين ليڪن ذريعي ٺاهبيون آهن ۽ سندن ڪشادگي ايتري هوندي آهي، جو ان ۾ بيٺل رانديگر آرام سان ڊوڙي ۽ ڦري گھري سگهي ۽ سندس پير ليڪي کان ٻاهر نه وڃي، نه ته کاپي پوندو.
راند جي ميدان جي نقشي کي پوري وچ مان ٻه پور وڇوٽ سنيون ليڪون آرپار ڪپينديون آهن، جن سان ٺهيل رستي کي ”ونجهه“ چئبو آهي. آگ ڏيڻ يا وٺڻ جو فيصلو اکر ڀوريءَ ذريعي ڪيو ويندو آهي. رانديگرن جي چونڊ به ننڍ وڏ ذريعي ڪرڻ ۾ ايندي آهي. جڏهن آگ ڏيڻ ۽ وٺڻ جو فيصلو ٿي ويندو آهي، تڏهن آگ ڏيندڙ ٽوليءَ جا همراهه هڪ هڪ ٿي ٻاري سنڀاليندا آهن، پهرئين نمبر واري جي ونجهه واري چورس خاني ۾ آگ ڏيندڙ ٽوليءَ جو اڳواڻ يعني هاڙهي بيهندو آهي. آگ وٺندڙ ٽوليءَ جا سڀ رانديگر سامهون ٻارين ٽپڻ لاءِ تيار بيٺا هوندا آهن. ان بعد هاڙهي پاڻ ۾ تاڙو يا ڏارو ملائيندا آهن جنهن جو مطلب هوندو آهي ته راند شروع ڪجي. ظاهر آهي ته پهرينءَ ٻاريءَ تي بيٺل هاڙهي اٺن ڄڻن کي روڪي نه سگھندو آهي. ان هوندي به هو وڏا وس ڪندو آهي ته ڪنهن نه ڪنهن ٽپندڙ رانديگر کي ڌڪ هڻي کپايان.ان ۾ بعضي ڪامياب به ٿي ويندو آهي، پر جيڪڏهن ست ڄڻا ڇڏائي ويا ته باقي هڪ يعني هاڙهيءَ کي سوگھو جهلي بيٺو هوندو آهي ۽ کيس ٻاري ٽپڻ نه ڏيندو آهي. اهڙيءَ طرح ٻي ٻاريءَ تي ستن ڄڻن جو حملو ٿيندو آهي، ٽينءَ تي ڇهن جو، چوٿينءَ تي پنجن جو، پنجينءَ تي چئن جو، ڇهينءَ تي ٽن جو ، ستينءَ تي ٻن جو ۽ آخريءَ تي هڪ جو. مطلب ته هر هڪ ٻاريءَ ٽپڻ لاءِ هڪ هڪ رانديگر ورڇجي ويندو آهي. پوءِ راند مچي ويندي آهي، ڀڄڻ وارن جون گوهيون ۽ گھمريون ۽ روڪڻ وارن جون اٽڪلون ڏسڻ وارا تماشي ۾ محو ته راند وارا ڀڄڻ ۽ روڪڻ جي ڪوشش ۾ قابو. ڏاڍو لطف پيدا ٿيندو آهي. جيڪڏهن ڪو همراهه اتفاق سان سڀ ٻاريون ٽپي ويو ته واڪ ڏيندو، ’ڪچي‘، يعني آءٌ هاڻي اڌ پڪو ٿي ويس. پوءِ اهو وري واپس ٿيندو ۽ ساڳيءَ طرح ٻاريون ٽپڻ شروع ڪندو. هوڏانهن ٻارين وارا همراهه کيس روڪڻ جي ڪوشش ڪندا، پوءِ جيڪڏهن ڪٿي ٻاريءَ ٽپندي کاپي پيو ته انهيءَ سڄيءَ ٽوليءَ راند هارائي ۽ ٻيءَ ٽوليءَ راند کٽي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو